وفا جو پيڪر 

آفتاب علي چاچڙ                
ايمان بهادري ۽ وفا جي بلندي تي، جڏهن نگاھ وجھندا سين ته اتي ھڪ شخص نظر ايندو آھي جنهن جي ڪابه مثال نٿي ملي جيڪو فضل ۽ ڪمال قوت ۽جلالت ۾ پنهنجي مثال پاڻ آهي، جيڪو اخلاق استحڪام ۽ ثابت قدمي ۾ استقلال جو نمونو آهي، هر اها ڀلي صفت جيڪا عروج بخشيندي آهي ان شخص ۾ نظر ايندي آهي هو هڪ لشڪر جو علمبردار نه بلڪي مڪتب شھادت جو سپھ سالار بڻجي ويندو آهي، جنهن پوري دنياجي جوان نسل کي اطاعت وفاداري، جانثاري، فداڪاري جا سبق ڏنا آهن، هو حيدر ڪرارجو پٽ ۽ جگر جو ٽڪڙو عباس آهي، جڏهن ته ان جي وفاداري، جانثاري، فداڪاري کي چوڏهن سو سال گذري چڪا آهن، ليڪن تاريخ عباس بن علي جي ڪمال۽ عظمت کي ميرو نه ڪري سگهي آھي، اڄ به عباس جو نالو نه آهي بلڪي وفا آهي، ايثار آھي، ۽ اطاعت آهي تسليم آهي، عاشورا اهو باعظمت آهي، جنهن ڏينهن انسانيت جو گروه پنهنجي طاقت کي مضبوط ادارن کي دنيا وارن جي سامهون پيش ڪري ويٺوآهي، تاريخ ڪربلاء وارن جي فداڪاري تي ناز ڪندي نظر ايندي آهي، ۽ دنيا وارا انهن کي سامهون رکندي انقلاب برپا ڪندا آهن ڪربلاء هڪ اهڙي يونيورسٽي آهي،کلیل آھي جنھن ۾ طالبعلم اچڻ ٿا ڪئي سال حضرت بيبي فاطمه زهرا سلام الله علیها جي شهادت گذري چڪا ھئا، حضرت امام علي عليه السلام پيغمبر اڪرم جي ڌي فاطمه زھرا سلام الله عليها شھادت کان ڏھن سالن تائين ڪنهن ٻئي عورت سان شادي نه ڪئي، هميشه ان جي غم ۾ مغموم رھيا هڪ ڏينهن حضرت امام علي عليه السلام جناب عقيل کي گهرايو ۽ جيڪو خاندان شناسي (نسب شناس) جا ماهر ھئا، جيڪي قبيلن جون اخلاقي خصوصيات ۽ مختلف مسائل کان آشنا هئا، ۽ ان کي فرمايائون، ته منهنجي لاء هڪ عورت تلاش ڪر جنهن جو بهادري ۾ ڪو به مثال نه هجي، تاڪي ان مان هڪ بهادر پٽ پيدا ٿي ڪجھ عرصي کان پوءِ جناب عقيل قبيلي بني ڪلاب جي هڪ عورت سان ملاقات ڪرائي جنهن جا اباء و اجداد عرب جا مشهور بهادر ۽ شجاع ماڻهون ھئا، ڪجھ وقت کان پوءِ جناب عقيل  ان جي بابا گهروارن ڏانهن رشتي گھرڻ جي لاءِ ويا ته انهن وڏي خوشي سان قبول ڪيو، ۽ حضرت امام علي عليه السلام جي فاطمه ناليوار خاتون سان شادي ڪئي شادي ڪرڻ کان پوءِ جڏهن بيبي امام علي عليه السلام جي گهر ۾، آئي ته حسنين ڪريمين جي طبيعت خراب ھئي ته انهن جي خدمت ڪرڻ ۾ لگئي وئي،جڏهن ان گهر ۾ ڪو به بيبي کي فاطمه جي نالي سا سڏيندو ھيو ته بيبي ان کي چوندي ھئي ته مون کي فاطمه سان نه سڏ ڪريو، ڇو جو حسنين ڪريمين کي پنهنجي امان فاطمه ياد ٿي اچي، ۽ جنهن جي ڪري انھن جو غم تازو ٿيندو آهي، آءُ  نٿي چاھيان جو حسنين جن غمگین ٿين، مان ته انهن جي خادمه آھيان، امام علي عليه السلام کي الله سائين ان مان چار پٽ عطاء ڪيا عباس، عبدالله، جعفر، عثمان جيڪي چارئي ڪربلا ۾ شھادت جي هڪ اعظيم درجي تي فائز ٿيا، ۽ بيبي  پاڻ  ۽ بيبي زينب ۽ ام ڪلثوم جي حقيقي ماء بڻجي وئي هئي انهن جي خدمتگار بڻجي وئي، ۽ عباس ابن علي ان ماء جو پث آهي، ۽ امام علي عليه السلام جهڙي بهادر ۽ شجاع جو فرزند آهي، جنهن جي نصيب ۾ الله سائين، وفاداري فداڪاري ۽ بهادري ورثي ۾ لکي ڇڏي، جنهن جي ولادت 4 شعبان سن 26هجري  مدينه منوره ۾ ٿي جڏهن عباس جي پيدائش ٿي ان جي سڄي ڪن ۾ آذان ۽ اقامت ڏني وقت گذرندو رهيو، هڪ مرتبو حضرت امام علي عليه السلام عباس کي پنهنجي هنج ۾ ويٺل ھئا، ۽ ٻانهن جا بند مٿي ڪري ٻانهن کي چمڻ لڳا، ۽ فرمايائون، هي هٿ پنهنجي ڀاء حسين جي مدد ۾ ڪٺيا ويندا، جڏهن عباس جوان ٿيو ته، امام حسن عليه السلام ۽ امام حسين عليه السلام سان گڏ، انهن جي محبت ۽ شفقت ۾ جوان ٿيو، علم ۽ امامت جي معرفت حاصل ڪئي، چوڏهن سالن جي ڄمار ۾ حضرت امام علي عليه السلام گڏجي ڪري جنگن ۾ شريڪ رهندا هئا، جواني ۾ بهادري اميرالمؤمنين امام علي عليه السلام کان حاصل ڪئي، جنگن ۾ امام علي عليه السلام عباس کي اجازت نه ڏيندا هئا، ڇو جو امام عليه السلام عباس کي ڪربلاء جي لاءِ ذخيرو ڪري رکيو هيو، تاريخ ۾ عباس جا ڪجھ ڪرشما ملندا آهن، جڏهن جنگ صفين ۾ هڪ نوجوان جڏھن ميدان ۾ اچي ٿو ته ان جي چهري تي نقاب هوندو آهي جنهن جي هيبت جي جلوه جي دشمن ميدان جنگ مان، ڀڄي ويندا آهن، ۽ پري کان تماشو ڏسڻ لڳندا آهن، جنهن تي معاويه کي تمام گهڻي ڪاوڙ لڳندي آهي، ۽ پنهنجي فوج منجهان ابن شعثاء کي چيو جيڪو وڏو بهادر هيو، جيڪو هزار ماڻهن سان وڙهندو هيو، ان کي حڪم ڪيو، اهو شخص چوڻ لڳو، امير منهنجا ست پٽ آهن انهن مان هڪ کي موڪليندو آهيان، جيڪو انهيءَ کي ماري ايندو، معاویہ چيو ڀلي  ائين ڪر جڏهن ان پنهنجو وڏو پٽ مقابلي جي لاءِ موڪليو، عباس ان کي جهنم وصل ڪيو، جڏهن ان جو ٻيو پٽ عباس جي مقابلي ۾ آيو ته ان کي به جهنم وصل ڪيو، ايستائين جو ان جي ستن پٽن کي جهنم داخل ڪيو پوءِ معاويه جي فوجن ۾ لرزو تاري ٿي ويو، آخر ڪار ابن شعثاء هڪ دفعو ڪاوڙ ۾ اچي ميدان جنگ ۾ آيو ۽ رجز پڙهيو، اي جوان تون منهنجا ست فرزند ماريا آهن، آئون تنهنجو غم ۾ تنهنجي بابي ۽ امان کي روئاريندس، وڏي تيزي سان ابن شعثاء عباس تي حملو ڪيو، تلوارون پاڻ  ۾ ٺڪريون آخر ڪار ان کي به عباس هڪ ضرب سان اشعثاء کي زمين بوس ڪيو جڏهن حضرت امام علي عليه السلام کي خبر پئي ته عباس کي پاڻ وٺ گهرايو نقاب لاهي ڪري عباس جي چهري کي چميون، غازي هي جوان آهي جنھن کي چوندا ھئا ياقمر بني هاشم،  اي قبيلي بني ھاشم چنڊ عباس لحاظ حسن تمام گهڻو سهڻو هيو، تاريخ لکيو آهي ته جڏھن جنگ صفين ۾ معاويه جي لشڪر پاڻي تي قبضو ڪيو هيو ته اميرالمؤمنين حضرت امام علي عليه السلام جي لشڪر کي پياس لڳي، ته پاڻ جن حضرت امام حسين عليه السلام جي اڳواڻي ۾ ڪجھ ماڻهن کي پاڻي ڀرڻ جي لاءِ موڪليو، حضرت عباس امام حسین علیہ السلام جي سڄي پاسي کان هئا، جنهن لشڪر جي ماڻهن تائين پاڻي پهچايو، وقت گذرندو رهيو جڏھن ڪوفيءَ جي محراب ۾ امير المؤمنين کي ضرب لڳي، ان وقت حضرت عباس چوڏهن سالن جا هئا، ۽ ڪافي جري هئا، جڏهن امام حسن علیه السلام کي زهر ڏنو ويو، ۽ امام حسين عليه السلام جي جگر جا ٽڪڙا ٻاهر اچڻ لڳا ته عباس پنهنجي تلوار کي نيام کان ٻاهر ڪڍي سگهن پيا ڇو جو عباس جي وس ۾ ڪجھ به نه ھيو بي وس هئا، جڏهن به تلوار ۾ هٿ وجھندا هئا، ته  امام حسين عليه السلام اهيو چئي ڪري خاموش ڪري ڇڏيندا هئا، ته هاڻي جنگ جو وقت نه آهي، عباس صبر ڪر عباس ان ڏکي وقت ۾ به امام حسين عليه السلام جي سايه ۾ رهيا هئا مطعي امام رهيا حضرت عباس 18سالن جي عمر ۾ امام حسين عليه السلام پاڻ سان گڏ هميشه، ۽ قبيلي بني هاشم ۾ هڪ خاص اهميت ۽ دٻ دٻو هوندو هيو، حضرت عباس هميشه 30 ماڻهون جو حلقو ٻڌي ڪري امام حسين عليه السلام جي حفاظت هر وقت معين هوندا هئا جڏهن رات جي وقت ۾ وليد امام حسين عليه السلام کي درٻار ۾ گهرايو ته ان 30 ماڻهن کي امام جي حفاظت جي لاءِ مقرر ڪري ان شام گڏ روانا ٿيا، ۽ امام جي حڪم جي مطابق جهاد جو انتظار ڪندا آهن، جڏھن امام حسين عليه السلام سفر جو اعلان ڪندا آهن ته امام عليه السلام جي قافلي جو سالار مدينه کان وٽي ڪري ڪربلاء جي ان مارڪي تائين جيڪو ڏھ محرم الحرام تي ٿيندو آهي، ان مارڪي ۾ عباس امام حسين عليه السلام جي ٻارن جي هڪ وڏي اميد هيو، ڪائنات جي هر ٻار ۽ مظلوم جي اميد بڻيل آهي عباس .