آمريڪا جا ويھ سال افغانستان ۾ .                 

ڪالم : آفتاب علي چاچڙ.                                        
                      

جڏھن آمريڪا افغانستان تي قبضو ڪيو ته، ان وقت به طالبان تي الزام ھڻي ڪري ته نائين اليون جاحمله طالبان ڪیا آهن، ان کانپوءِ 7 آڪٽوبر 2000 ته آمريڪا برطانيہ جي فوجن سان گڏجي ڪري گوڏا کوڙي ڪري، افغانستان ۾ ويهي رهيو، ان کانپوءِ هر قسم جو ظلم ۽ جبر افغان عوام جي مٿان ٿيندو رهيو، آمريڪا افغانستان جي اندر پنهنجي مرضيءَ جون حڪومتون ٺاهيون، ۽ ماڻهون آندا، ۽ تاريخ ۾ پهريون مرتبو افغانستان جي سر زمين پاڪستان جي خلاف ڪڏهن به ايترو استعمال نه ٿي هوندي، جيترو هن 20سالن ۾ استعمال ٿي آهي، آمريڪا هڪ خون خوار جانور وانگر حملہ ڪيا لکن جي تعداد ۾ ماڻهون قتل ۽ بي گهر ٿيا، ٻار يتيم مائون بيواه ٿيون، اربين مليون ڊالر جو خرچ ۽ فوجي مارجي ويا، ۽ ان جو نتيجو ڇا نڪتو آخر ڪار ذليل خوار ٿي ڪري پاڻ نڪري ويو، ۽ وڏي آساني سان طالبان کي اقتدار ڏنو، اچڻ وقت به هڪ ڊرامو ڪيو ۽ وڃڻ وقت به هڪ ڊرامو ڪيو، هي قصو سمجھ ۾ نه آيو ڇو، جڏهن اسان انهن ويهن سالن کي پوري دنياجي اندر ڏسون، ته آمريڪا ذليل ۽ خوار ڏسڻ ۾ ايندو، عراق تي قبضو ڪيو، هزارين ماڻهون قتل ٿيا، بي گهر ٿيا، اتان به خوار ٿي ڪري نڪتو، ڪنهن جو گهيرو تنگ ڪرڻ چاهي پيو، جڏهن ته ايران ساڳي حالت ۾ دنيا جي سامهون سرخرو آهي، شام ۾ آمريڪا داعش جي شڪل ۾ حملو ڪيو اتي به تمام گهڻي مار کاڌي، وري عراق تي قبضو ڪيو داعش جي صورت ۾، تمام گهڻو بيعزت ٿيو، ڪئي لک ڊالر خرچ ڪيا مگر مقصد ماڻي نه سگھيو، فقط ذلت نصيب ٿي آهي، افغانستان جي اندر 20 سال رهڻ کان باوجود ڪڏهن به افغان عوام جي ڀلائي ۽ ترقي جي لاءِ ڪو به  ڪم  نه ڪيو آهي، عراق جي اندر جڏهن، آمريڪي ڇهاوڻن تي حمله ڪيا ويا عين الأسد کي تباھ ڪيو ويو ، ۽ هي حمله دنيا اسلام جي لاءِ هڪ حوصله افزائي جو سبب بڻجي ويا هئا، ڪنهن جي تصور ۾ به نه هيو، جو ڪڏهن آمريڪا جي ڇهاوڻي تي ايران جهڙو هڪ ڪمزور ملڪ حمله ڪندو، انهن حملن سان دنيا کي هڪ طاقت ملي ۽ آمريڪا جي طاقت جو دنيا وارن اندازر لڳائي ورتو ، جيڪو آمريڪا ڌمڪيون ڏيندو آهي، هو فقط نالي جو سپر پاور آهي، جنهن ايران جو هو هر طرف کان گهيرو تنگ ڪري رهيو آهي اڃ تائين ايران جي طرف هڪ گولي به نه هلائي سگهيو آهي،  ڪجھ ڏينھن پهريان آمريڪي صدر جوبائيڊن جڏهن پريس ڪانفرنس ڪرڻ لاءِ آيو، ته روئي ڏنو پريس ڪانفرنس نه ڪري سگهيو واپس هليو ويو، آمريڪي صدر جو روئڻ مطلب آهي ته پنهنجي هار کي قبول ڪرڻ، آمريڪي صدر جو روئڻ مطلب ساري آمريڪا جو روئڻ آهي، جو افغانستان جي اندر ايتري بري شڪست ملي، انهن ماڻهن جي هٿن کان جنهن کي ته پيرن ۾ جتي به نه آهي، جنهن وٽ دنيا جي ڪا به سهولت موجود نا آهي، ۽ جديد هٿيار به نه هئا، ان کانپوءِ به آمریکا جهڙو سپر پاور کي ذوڙائي ذوڙائي ٿھڪائي ماريو، جو صدر جوبائيڌ روئيندي نظر اچي رهيو هيو ، هن کان وڌيڪ ٻئي ڪھڙي قسم جي شڪست هوندي آهي، جنهن تي مستقبل ۾ ڪتابون لکهيون  وڃن، ته هڪ آمريڪي صدر پنهنجي هار تي روئيندو رهيو، هٿ ڪجھ به نه آيو، ايتري قتل ۽ گارت انساني جانين جو زيان ڇا اقوام متحده ۽ انساني حقوق جي ادارن جي منهن ته هڪ موچڙو نه آهي ؟