مسلم دنيا جو روشن سج

ڪالم : آفتاب علي چاچڙ

ڏھ آڪٽوبرجي ڏينهن صبح جو جيڪا خبر ٻڌڻ ۾ آئي ان  سان هڪ عجيب وغريب حالت تاري ٿي وئي، خبر تي مجبورا يقين ڪرڻو پئجي ويو، مگر دل يقين ڪرڻ جي لاءِ آماده نه هيو، جو ڊاڪٽر عبدالقدير خان صاحب، هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري پنهنجي خالق حقيقي ڏانهن روانا ٿي ويا، هن خبر فقط پاڪستاني عوام کي نه بلڪي، پوري دنيا اسلام ۾ هڪ غم  جي صورت حال پيدا ڪري ڇڏي، ڊاڪٽر عبدالقدير خان صاحب ڪنهن تعريف جو محتاج نه آهي، بلڪي هو پنهنجي اندر هڪ پوري ڪائنات کي سمايل آهي، ڊاڪٽر عبدالقدير خان صاحب پاڪستان جي نه بلڪي پوري ڪائنات جي خدمت ڪئي آهي، بالخصوص عالم اسلام جي هر شعبي کي پايي تڪميل تائين پهچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي،۽ ان ۾ ڊاڪٽر صاحب جو هڪ تمام گهڻو ڪردار رهيو آهي، هو هڪ انسان دوست ماڻهون هجڻ سان گڏو گڏ ايمان ۽ خدمت جي جذبي سان سرشار انسان ڪامل جي هڪ عظيم درجي تي فائز هيو، جنهن بغير ڪنهن رنگ ۽ نسل جي خدمتون کي انجام ڏنو ، دنيا ۾ ڪجھ ماڻهون اھڙا ھوندا آھن، جيڪي پوري جي لاءِ هڪ مثالي چھرا بڻجي ويندا آهن، ڇو جو انهن جا ڪم به اهڙا هوندا آهن، جو پورو دنيا انهن جي لاءِ ديدار جي مشتاق هوندي آهي، انهن شخصيتن منجهان  هڪ شخصيت ڊاڪٽر عبدالقدير خان صاحب جي شخصيت هئي، جنهن جون خدمات عالم اسلام جي لاءِ ڪنهن کان لڪيل نه آهن، ڊاڪٽر صاحب جڏهن ذلفقار ڀٽو سان گڏجي ڪري آمريڪا کان پاڪستان تشريف کڻي آيو ، ان وقت کان وٺي، ڪري پاڪستان ۽ دنيا اسلام کي مختلف صورتن ۾ مختلف تحفة ڏيندا رهيا، جنهن تي عالمي ڪفري طاقتون پريشان ۽ ڪاوڙيل نظر اينديون هيون، ۽ ان سان گڏوگڏ ڊاڪٽر صاحب تي مختلف قسمن جون پانديون هڻندي نظر ايندا هئا، جڏهن 1998 جي دؤر ۾ پاڪستان کي جڏھن ايٽمي طاقت بڻايو، ان وقت کان پوءِ دشمنن جي تعداد ۾ به هڪ گهڻو اضافو ٿيو، جنهن ۾ بالخصوص هندستان جو آرام ۽ سڪون هميشان هميشان جي لاءِ ڦٽائي چڏيو، جيڪو دشمن هر وقت حمله جون ڌمڪيون ڏيڻ واري جي هر ارادي تي پاڻي ڦيري ڇڏيو، ڊاڪٽر صاحب هڪ اهوا شخصيت هئي، جنهن عالم اسلام جي مظلوم ماڻهن جي لاءِ هڪ اميد جي ڪرن بڻجي ويو هيو، جنهن فقط پاڪستان کي نه بلڪي گهڻن اسلامي ملڪن کي پنهنجي سوچ ۽ فڪر جي زيور سان آرستا ڪيو، اڃ ان سوچ ۽ فڪر جو نتيجو آهي، جو ننڍڙا ننڍڙا ملڪ جيڪي هر قسم جي مشڪلاتون جو شڪار آهن، مگر آمريڪا سان مون هن ۾ مونهن ڏئي ڪري ڳالهائيندي نظر اچن پيا، ان فڪر ۽ سوچ  جو نالو ڊاڪٽر عبدالقدير خان صاحب آهي، جيڪي ڪاميابيون ماڻيون دنيا انهن جي لاءِ سڪندي رهي مگر اھوي نصيب نه ٿيون آهن، ڊاڪٽر عبدالقدير خان صاحب اهڙو خداى شاھڪار هيو، جنهن تي ظالم پنهنجو هر جو ظلم ڪيو آهي، مگر ان کي ڪو به پنهنجي سوچ ۽ فڪر کان پري ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو، مگر ان جي ذات هر شخص کي فائدو ۽ ترقي جو راهون  ڏيکارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي نظر آئي، ان شخص جنهن پاکستان جهڙي ملڪ کي اسلام جو قلعو قرار ڏيندي ۽ مظلومیت جو هڪ ساٿي بڻائڻ ۾ پنهنجي زندگيءَ کي وقف ڪري ڇڏيو، ان جا ڪئي عظيم منصوبا جيڪي اسلام جي سر بلندي جي دنيا ڪفر جي انگھن ۾ ڪنڍي وانگر چبھندا نظر ايندا آهن ، ڊاڪٽر صاحب چاھي جي هڪ ڏکي وقت ۾ زندگيءَ گذاري، ۽ان  ملڪ ۽ اسلام سان هڪ اهڙو رشتو قائم رکيو، جو چاهيندي به دشمن ان رشتي کي ڪڏهن به ختم نه ٿو ڪري سگهي، ڊاڪٽر صاحب اسلامي دنيا کي دشمن ارادن سمجهندي ۽ ان جي سوچ تي پاڻي ڦيريندي هڪ عبدالقدير نه بلڪي ڪئي عبدالقدير پيدا ڪري ڏنا زندگي جي هر جنگ ۾ جيڪي اسلام ۽ پاڪستان  جي هڪ نظرياتي سپاهي ٿي ڪري ان جي حفاظت لاءِ هر وقت هر محاذ تي آماده نظر ايندا آهن ، اسلامي دنيا کي هڪ عظيم روشن سج وانگر هر زماني ۾ عبدالقدير ان کي روشني ڏيندي نظر ايندو، جنهن کي زماني وارن روشن ٿيڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي مگر روڪي ڪامياب نه ٿي سگهي

 


افکار و نظریات: سندھی