سيد المرسلين ص جي نياڻي جي مظلوميت
عبدالحميد منتظر

دنيا ۾ ھر با شعور انسان بخوبي ڄاڻي ٿو ته اگر دنيوي سردار ھجي ته ان سان گڏوگڏ ان جي آل ۽ اولاد جو احترام ڪيو ويندو آهي.
پوء ان سردار جي اولاد چاھي ڪيتري به بي ادب يا بدڪردار ھجي پر سردار جي احسانن کي ڏسندي غلامن سميت جن جن انسانن کي ان سردار جي معرفت ھوندي آھي اھو ھميشه چاھيندو آھي ته ڪيئن به ڪري سردار جي اولاد کي مون منجھان ڪا تڪليف يا اذيت نه پھچي.
اگر سردار سيد المرسلين ھجن ته يقيناً انسان جو ذھن ۽ فڪر اھو تصور ڪندو ته جيڪو پاڻ ايترو بلند مقام جو حامل آهي، جيڪو عالمين جي لاء رحمت آھي ته منھنجي لاء ضروري آھي ته انجي اولاد جو احترام ڪيان ۽ گھٽ ۾ گھٽ مون منجھان انجي اولاد کي ڪا تڪليف نه رسي.
پر جيڪڏھن ڪوئي سردار جي دور ۾ ان جي اولاد جي عظمت خود سردار کان ڏٺي ھجي اھو اڃان وڌيڪ احتياط ڪندو ته جنھن جي خود سردار ايتري عزت ۽ احترام ڪندي نظر پيا اچن ته يقيناً ڇا مرتبو ۽ عظمت ھوندي ان اولاد جي ؟
۱۴۰۰ سال پھرئين نبي اڪرم حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جڏھن سيده فاطمه زهرا سلام الله عليها کي ايندي ڏسندا ھئا ته پنھنجي جڳھ تان اٿي ڪري پنھنجي لخت جگر نياڻي جو استقبال ڪندا ھئا ۽ ان وقت جا تمام انسان انکان بخوبي واقف ھئا ته جنھن جي عظمت جي لاء ۱۲۳۹۹۹ انبياء جو سردار نبي ص اٿي استقبال ڪري ته ان بي بي س جو ڇا مقام ھوندو ؟
جناب سيده س جي لاء جڏھن ڪائنات جو نبي ص استقبال لاءِ اٿندا ھئا ته فقط نبي ص نه، بلڪي ۱۲۳۹۹۹ نبين جي نبوتن جي سرداري سيده س جي استقبال لاءِ بيٺل نظر ايندي هئي.
وري اگر توھان ان بي بي س جي شوھر جي بنسبت تحقيق ڪندؤ ته حضرت علي ع جناب سيده س جي عظمت کي بيان ڪندي فرمائيندا آھن ته فاطمه زهرا س خدا جي بندگي ۾ منھنجي مدد آ.
جي وري اولاد جي نسبت سان ڏسندؤ ته جنت جي جوانن جي سردارن جي جنت سيده س جي مبارڪ قدمن ۾ نظر ايندي آهي.
ايتري عظمتن جي مالڪه بي بي س جڏھن پنھنجي بابي جي لکيل تحرير کڻي ڪري دربار خلفاء ۾ وئي آھي ته ان کي خالي موٽايو ٿو وڃي.
فقط خالي موٽايو وڃي ھا تب ايتري تڪليف نه پهچي ها جو ان بي بي س کان سردار نبي ص جي تحرير کي وٺي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪيو ٿو وڃي.
ان بي بي س جي صديق گواھن کي ڪاذب چيو ٿو وڃي.
ان بي بي س کي ڪيترائي ڪلاڪ دربار ۾ بيهاريو ٿو وڃي.
ان بي بي س جي دروازي کي باھي ڏني ٿي وڃي.
ان بي بي س کي تماچہ ماريا ٿا وڃن.
ان بي بي س کي تازيانو ماريو ٿو وڃي.
ان بي بي س کي ايترو زخمي ڪيو ٿو وڃي جو سندن شڪم بي بي جو ٻچڙو محسن شھيد ٿي ٿو پوي.
ان بي بي س جي شوھر کي رسيون پارائي ڪري قيدي بڻائايو ٿو وڃي.
ان دور جي انسانن کي بي بي س جي عظمت وسري وئي ھئي جو ايترا ظلم ڪيا ٿا وڃن ؟
ڇا ڪوئي خليفن جي دربار ۾ ڪو سوال کڻي اچي ته ان سان اھڙو سلوڪ ڪرڻ نبي پاڪ ص جي سيرت منجھان آھي ؟
پنھنجن جا مظالم لڪائڻ جي لاء اھيو ٿو ٻڌايو وڃي ته نبي ڪريم صلي جي ڪا ميراث ناھي ۽ انڪري حضرت زهرا س کي خالي موٽايو ويو.
اگر نبي پاڪ ص جي ميراث نه ھئي ته پوء ڇا نبي پاڪ ص جي نياڻي جي مقدمي کي مظالم سان خاموش ڪرڻ صحيح آھي ؟
جيڪي سيده فاطمه زهرا س جي بابي جي نقشي قدم تي ھلي ڪري مسلمان ٿيا ڇا انھن وٽ ايترو علم اچي ويو جو ھو ان نبي ص جي علم جي وارثہ کي ڪوڙو ثابت ڪرڻ جيترا عالم بڻجي ويا ھئا ؟
نبي پاڪ ص جي نياڻي پنھنجو حق گھري ڪري ڪا نعوذ بالله وڏي غلطي ڪئي ھئي جو ان جي گھر کي باھيون لڳائي ان بي بي س جي پاسيرين کي ٽوڙيو ويو ؟
دنيا جو چاھي ڪيڏو به پٿر دل انسان ھجي پر جڏھن انجي سامھون ڪنھن ھڏ ٽٽل مجروح جو تذڪرو ٿيندو آهي ته ھو بي ساخته غمگين ٿي ڪري انکان پڇندو آهي ته پوء تون ان ٽٽل بدن جي حصي سان ڪيئن ٿو سڪون ڪرين ؟
ڇا انھن کي سيده س جي ٽٽل پاسيرين جو خيال نٿو اچي ته بي بي س انھن ٽٽل پاسيرين سان ساھ ڪيئن کڻنديون ھونديون ؟
بي بي س ڪيئن عبادت ڪنديون ھونديون؟
صابر نبي ص جي نياڻي کي ايترا ته ڏک نبي ص جي امت ڏنا جو بي بي س وصيت ڪئي مونکي رات جي وقت غسل ۽ ڪفن ڏنو وڃي.
منھنجي جنازي کي رات جو دفنايو وڃي ۽ انھن کي منھنجي جنازي ۾ شامل نه ڪيو وڃي جن جي دربار مان مونکي ايتريون تڪليفون پھتيون.
تاريخ ۾ پڙھيم ته حضرت علي ع جھڙي شجاع امام جڏھن بي بي س کي غسل ڏنو ته مولا علي س بلند صدائن سان گريو ڪري فرمائڻ لڳا،
زھرا س ايتري زخمن جي باوجود تو ڪيئن عبادت ڪئي ھوندي.؟
تو ڪيئن ايترا ڏينھن انھن زخمن سان گذاريا ھوندا.؟
ڇا نبي ص جي اولاد تي ظلم ڪرڻ اجر رسالت ۾ شمار ڪري اڄ جا مسلمان بي بي س جي قاتلن سان ھمدردي جا اعلان ڪندا ٿا وتن ؟
نبي پاڪ ص جون اھي سڀ حديثون وساري ويٺا جن ۾ نبي پاڪ ص پنھنجي اولاد جا فضائل بيان ڪيا آھن ؟
ڇا ايترو به نٿا سوچين ته آخر ڇو بي بي س کي دربار ۾ اچڻو پيو ۽ پنھنجي حق کي طلب ڪرڻو پيو ؟