شخصيت ۽ ڪردار زنده رھندا آھن
(شھيد قاسم سليماني )
عبدالحميد منتظر

جڏھن شھيد قاسم سليماني جي شھادت جي خبر ھر پاسي ھڪ سنگين طوفان جيان گردش ڪري رھي ھئي ته ڄڻ ائين پئي محسوس ٿيو ته ڪنھن جغرافيا ئي سرحدن منجھان پورا لشڪر ڪھي ڇڏيا ھجن.
شھيد ھميشه جيان مظلومن جي دفاع خاطر نه رات ڏسندا ھئا نه سردي،گرمي جو خيال رکندا، پاڻ اڪيلا لشڪر پڻجي ڪڏھن ڪنھن سرحد تي ته وري ڪڏھن ڪنھن ايئرپورٽ تي.
فجر جي ٽائيم سردي جي سڪون ڀريل ھوائن ۾ پنھنجي سڪون جي جاين کي ترڪ ڪري شھيد عراق جي ايئرپورٽ تي پنھنجي ھڪ ٻه ھمسفر سان ڪنھن مظلوم جي دفاع خاطر سرگردان ھئا جو ظالم جي ظلم جي لھرن شھيد جي جسم تي اچي ڇوليون ھنيون.
جڏھن اھيا خبر انھن لا وارث انسانن تائين پھتي ته انھن جي ڄڻ دنيا ئي لٽجي وئي.
انھن سوچيو ھوندو ته ايترن ظلمن کان بعد ھڪ اھڙو ڪردار اجاگر ٿيو ھيو جنھن جي شفقت سان تمام مظلومن پاڻ کي محفوظ ٿي سمجھيو.
ڪائي اھڙي شخصيت به آھي جيڪا نه رنگ ٿي ڏسي، نه نسل،
نه سرحدون ٿي ڏسي، نه ثقافتون،
ھڪ اھڙي شخصيت جيڪا نه دشمن جي تعداد کان ٿي گٻرائي، نه وري ڪائي طاقت انکي دفاع کان روڪي ٿي سگهي.
جنھن جي سادگي محلن ۾ ويٺل ظالمن جو سڪون کسي ڇڏيو ھجي.
جنھن جي عمل جي چمڪ دشمنن جي دلين تي وار ڪيو ھجي.
جنھن جي محبت ۽ خلوص ھر بي سھارا کي سھارو ڏنو ھجي.
جنھن جي ھڪ مسڪراهٽ دشمن جي لشڪرن تي ڏکن جا ميزائل ڪيرايا ھجن.
جڏھن اھڙو ڪردار ۽ اھڙي شخصيت اکين کان اوجھل ٿئي ته يقيناً تمام محبتن جا روح مجروح ٿيندي نظر ايندا آهن.
شھيد قاسم سليماني ھڪ اھڙو ڪردار ھيو جيڪو بغير سياست جي، بغير ڪنھن وڏي عھدي جي. بغير ڪنھن ڏي وٺ جي، ايتري عزت ۽ اھڙو مقام ڪمايو جيڪو تصور نٿو ڪري سگهجي.
چاھي ھا ته سياست ڪري ڪنھن عاليشان محل ۾ سڪون سان ويھي ڪري امداد جا حڪم صادر ڪري ھا پر پاڻ سرحدن تي وڃي، ھٿيار کڻي، پنھنجي زندگي خطري ۾ وجهي ڪري ھڪ شخصيت ۽ ھڪ ڪردار جوڙيائين جيڪو ھن دور ۾ تمام گھڻو مشڪل آهي.
ايترا مخلص جو ڪوئي ڪکاون گھرن ۾ سندن کي طلب ڪن ھا ته شھيد بغير ڪنھن تڪلف جي اتي پھچي وڃن ھا.
جڏھن پوري دنيا جا مسلمان جبر ۽ ڏاڍ جي لپيٽ ۾ ھئا ته ان جبر ۽ ڏاڍ کي شھيد قاسم سليماني ۽ انجي ڪردار ختم ڪيو.
ايتري قدر دشمن کي شھيد کان خطرو محسوس ٿيو جو شھيد جي قتل جو حڪم جاري ڪري ڏنائون.
ليڪن شھيد جي شھادت کان بعد جيڪو ڪردار شھيد ڇڏي ويا آهن اھو ظالم جي ظلم جي راھ ۾ ھميشه رڪاوٽ بڻجندو ايندو.
شھيد جي اڻ کٽ محنتن منجھان جيڪو فصل تيار ٿيل آھي اھو ھميشه مظلومن جو دفاع ڪندي نظر ايندو.
شھيد جي شھادت جو ايترو اثر آهي جو دشمن اڄ تائين شھيد جي نالي کان ڊڄندو اچي.
سوشل ميڊيا تي اگر ڪوئي محب شھيد جي نالي سان ڪا ويب سائيٽ ھلائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو يا شھيد جي تصوير رکي ٿو ته انجو اڪائونٽ بند ڪيو ٿو وڃي.
دشمن سمجھي ٿو ته اسان ھڪ شخص کي شھيد ڪيو آهي پر انجي شخصيت جون لهرون ۽ انجي ڪردار جا طوفان ھميشه اسان جون ننڊون ڦٽائيندا رھندا.

 


افکار و نظریات: ڪردار زنده رھندا آھن