قدس جي ڏينهن جي اھميت 
 تحرير: ((نذر حافي)) 
 سنڌيڪار: عبدالحميد منتظر 

قدس جو ڏينهن ستل ماڻھن کي جڳائيندو آھي.
ھي ڏينھن ايندڙ سال تائين ماڻھن کي بيدار رکندو آهي.
ھن ڏينهن لڳندڙ نعرا اقوام متحده کي آھيو احساس ٿا ڏيارين ته پاڪستان جا ماڻھو عرب ملڪن جي عياش بادشاھن جي بجائي مظلوم فلسطينين سان گڏ آھن.
قدس جي ڏينهن کي ملهائڻ سان يورپ،امريڪا ۽ اسرائيل کي خبر ٿي پئي ته ھو ڪجھ ضمير فروش عربن جي بناء تي فلسطين کي دنيا جي نقشي منجھان نٿا مٽائي سگهن.
ھن ڏينهن روڊن تي اچڻ، ريلين ۾ شرڪت ڪرڻ اسان جي ٻارن لاء سبق آھي ته اسان ظالم آمريڪا،اسرائيل يا ھندوستان سان گڏ ناھيون بلڪي اسان مظلوم فلسطينين سان گڏ آھيون.
انھي منجھان اسان جا ٻار اھيو عھد ڪندا ھوندا ته اسان ڪشمير ۽ فلسطين جي مظلومن جا ھميشه حامي ۽ مددگار هونداسين.
اسان انھن جي آزادي لاءِ جدوجھد ڪنداسين.
ڏھاڙن کي ملھائڻ ۾ ڪافي حڪمتون لڪيل ھونديون آھن.
جڏھن ڪنھن ڏينهن کي ملھايو ويندو آهي ته نئي نسل کي ان ڏينهن جي اھميت جي خبر پوندي آهي.
اسان وٽ عيد الفطر جو ڏينهن، عيد الاضحي جو ڏينهن ۽ عيد ميلاد پيامبر اڪرم صلي جو ڏينھن ملھايو ويندو آهي.
يوم عاشور، يوم آزادي، يوم اقبال، يوم اعظم، يوم ڪشمير، يوم تڪبير ۽ يوم قدس سان گڏ ڪيترا ڏينهن مناسبتن سان ملائيندا آھيون.
ڪجھ ماڻهن جو انھن ڏينھن جي ملھائڻ تي اعتراض به ھوندو آھي ته ٽريفڪ جام ٿي ٿئي، مريض اسپتال نٿا پھچي سگھن.مقدس جھنڍا زمين تي ڪرن ٿا ۽ انھن تي مقدس نالا لکيل ھوندا آھن. برحال اسان کي انھن شين جو به خيال رکڻ گهرجي.
اھڙين تنقيدن کان بچڻ لاءِ اسان ڏينهن ملھائڻ نه چڏيون بلڪي احتياط سان ھر مناسبت ملھايون.
ھي مناسبتون اسان کي اسان جي تاريخ، اسان جا رول ماڊلز، اسان جي شخصيات ۽ انھن جي جدوجھد ۽ قربانين جي ياد ڏيارين ٿيون.
فقط ھي ڏينھن اسان کي ياد ناھن ڏياريندا پر اسان جي عقيدن ۽ نسلن جي تربيت به ڪندا آهن.
حسنِ اتفاق سان اسان جو ملڪ پاڪستان به ماہ مبارڪ رمضان جي آخري عشري ۾ ٺھيو آھي.
پاڪستان جو ٺھڻ اسان کي سيکاري ٿو ته ھي ملڪ ھڪ نظرياتي اسلامي رياست آھي.
۲۷ رمضان المبارڪ جو ڏينهن اسان کي سمجھائي ٿو ته اسان ھڪ ذميدار قوم آھيون.
اسان تمام مشڪلاتن سان وڙھندي خدا جي عطا ٿيل سلامتي ۽ استقلال سان اھيا جرأت ڏيکاري پاڪستان کي حاصل ڪيو آهي.
انھي طرح ماہ مبارڪ رمضان جي آخري جمعي يعني جمعة الوداع تي يوم قدس ملھايو ويندو آهي.
رمضان المبارڪ ۾ يوم قدس ملھائڻ سان فلسطينين کي اھيو پيغام ٿو پھچي ته اسان توھان جي مظلوميت، بک، اڃ کي وساري ناھيون ويٺا.
انھي سان گڏ ان امر جي تجديد ٿي ٿئي ته سڀ مسلمان ھڪ جسم ٿا رکن.
مسلمانن جي درميان عربي ۽ عجمي، اڇو ۽ ڪارو، قريشي ۽ حبشي جو فرق ناھي.
پاڪستاني ٻين ملڪن ۾ رھندڙ به پنھنجي مسلمان ڀائرن کان غافل ناھن.
انھي سان گڏ اسرائيل کي به پيغام ٿو پھچي ته فلسطين فقط عرب دنيا جو ڪو مقامي مسئلو ناهي بلڪي تمام عالم اسلام جو قلب آھي.
ٻيو ھندوستان کي به سنديسو ٿو پھچي ته پاڪستاني ايترو پري فلسطينين کي ناھن وساري ويٺا ته پوء ڪشميري انھن کان ڪيئن وسريل ھوندا.
ھن ڏينهن دنيا جي تمام مظلوم ماڻھن کي(پوء اھي فلسطيني ھجن، ڪشميري ھجن، بحريني ھجن يا يمني،)يقين ٿو ٿئي ته پاڪستان انھن سان گڏ آھي.
دنيا جا ظالم ۽ جابر انھن ريلين ۽ جلوسن کان پريشان ٿا ٿي وڃن.
ھن ڏينهن عالمي ميڊيا، عالمي طاغوت کي اھا تصوير ٿي ڏسجي ته دنيا جا سڀ مسلمان ھڪ صف ۾ بيٺل آھن.
قدس جو ڏينهن فقط ھڪ ڏينھن ناھي بلڪي ھي ھڪ نظرياتي تحريڪ آھي جنھن کي ملھائڻ سان گڏ و گڏ انجي اھميت کي به بيان ڪيو وڃي.