قاسم سليماني

آفتاب اتحادی:
ي تماشو ڏسڻ ۽ مدد ته پري پر ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍڻ لاءِ ڪنهن جا هي جملا صفا ٺهڪي اچن ٿا ته “جيڪڏهن ڪير پڇي ته ايران سان اُمتِ مسلمه جو رويو ڪهڙو هو ته فقط اِهو چئجو ته جهڙو ڪربلا ۾ ڪوفي وارن جو هو“ اِها ڳالھ تاريخ ۾ نا قابل ترديد آهي ته ايران جي اسلامي قيادت جو آمريڪا جهڙي شيطاني طاقت سان مقابلو صرف ۽ صرف پنهنجي صاحبِ قدرت رب تي ڪامل يقين جو ئي نتيجو ٿي سگهي ٿو. جنهن لاءِ ايران جي اسلامي انقلاب جي باني آيت الله روح الله خميني جا اِهي لفظ اڄ به پڙاڏا بڻيل آهن ته ”اسان وٽ خدا آهي. جيڪڏھن پوري دُنيا جا دروازا اسان تي بند ڪيا وڃن ته به الله جي رحمت جا دروازا اسان لاءِ کليل آهن“
حقيقت به اِها آهي ته فڪرِ حسيني سان سرشار قوم يزيدي فڪر جي رعب ۽ دٻدٻي کي ڪجھ سمجهندي ئي نه آهي، عزاداري جي مڪتب سان جذبئه قربانيءَ جو درس وٺڻ وارا ذهن، جون حبشي، زُهير بن قين، بُرير همداني،حبيب ابن مظاهر ۽ وهب قلبي جهڙن ڪربلائي ڪردارن مان ئي قاسم سليماني جهڙا ولي پيدا ٿيندا آهن، ۽ عاشورائي مقتل گاھ جي مڪتب مان نڪرندڙ فرد جيڪي ڪربلا مان پنهنجي لاءِ ڪفن وٺي، روضه امام حسين عه سان ڇُهي کڻي اچن، جنهن روضي تي ڪاري جهنڊي بدران ڳاڙهي رت جي رنگ وارو علم ڦڙڪي رهيو هجي جنهن تي“يا لثارات الحسين“يعني“اڃان حسين عه جي قتل جو پلاند رهيل آهي“انهن لاءِ موت جي ڌمڪين کان مرعوب ٿيڻ منطقي لحاظ کان سوچ ۾ اچڻ جهڙي ڳالهه ئي نه آهي.
قاسم سليماني تاريخ نه پر تاريخ ساز ڪردار جي جڳھ ولاري ورتي، جيڪو هر دئور ۾ وحشي ۽ درنده صفت ڪردارن لاءِ خوف جي علامت، حُريت ۽ بيدار ضميرن جي لاءِ ڳاٽ اوچو ڪري جيئڻ جي اهڃاڻ طور زنده رهندو.


افکار و نظریات: قاسم سليماني